ٿله لائبريري سکر

ٿله لائبريري سکر: سکر جي هن لائبرريءَ کي سينٽرل لائبريري به چوندا آهن.هيءَ لائبريري 1921ع ۾ ”سندر سيوڪ سڀا سکر“ طرفان قائم ٿي هئي. سندر سيوڪ سڀا جو قيام 1916ع ۾ عمل ۾ آيو هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هن لائبرريءَ کي مسلم ليگ پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ هن لائبرريءَ جو نالو مٽائي ”خدام مسلم ليگ لائبريري“ رکيو ويو. ڪجهه سالن اندر بند ٿي وئي. هن لائبرريءَ ۾ تمام سٺا ڇاپا ۽ قلمي ڪتاب موجود هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو